ڏڀلو ترائي

ڏڀلو ترائي: هيءَ ترائي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڇور شهر کان ست ڪلوميٽر اوڀر- ڏکڻ ۾ ڏڀلي ڀٽ جي هنج ۾ واقع آهي. برسات پوڻ دوران ڏڀلي ڀٽ تان لهندڙ پاڻي ۽ آسپاس جي ڀٽن جي نئين مان وهندڙ پاڻي هن ترائيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو. هن ترائيءَ جي چؤگرد وڏين ڀٽن جي هئڻ سبب وسڪاري جي مند ۾ هتان جي خوبصورتي من موهيندڙ ٿئي ٿي. هن ترائيءَ ۾ چئن مهينن تائين پاڻي موجود رهي ٿو. هيءَ ترائي قديم دؤر کان موجود آهي. هڪ روايت آهي ته: ”ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر ۾ جڏهن راجا راوت رڻمل نوهٽي کان نڪري، ليلمي ڏاهڻ وڃڻ وقت جانهيري ۽ عمر ڪوٽ کان ٿيندي، ڪسل ڪوٽ ۾ ترسيو. تڏهن سندس لشڪر کي پاڻي جي شديد قلت محسوس ٿي، جن پوءِ پاڻيءَ لاءِ ڏڀلي ترائيءَ جو رخ ڪيو، جيڪا ڪسل ڪوٽ کان ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ- اوڀر طرف آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو